پير ترهي جو قبرستان ان ڪري به اهم آهي، جو لوڪ شاعريءَ جي سر موڙ شاعر جلال کٽيءَ جي قبر هتي آهي. هتي هڪ ڍورو به موجود آهي، جنهن کي پير ترهي جو ڍورو به چوندا هئا، جنهن اڳتي هلي ڍنڍ جي صورت اختيار ڪئي، جنهن ڍنڍ تي چون ٿا ت' />
پير ترهي جو قبرستان ان ڪري به اهم آهي، جو لوڪ شاعريءَ جي سر موڙ شاعر جلال کٽيءَ جي قبر هتي آهي. هتي هڪ ڍورو به موجود آهي، جنهن کي پير ترهي جو ڍورو به چوندا هئا، جنهن اڳتي هلي ڍنڍ جي صورت اختيار ڪئي، جنهن ڍنڍ تي چون ٿا ت..." />

پير ترهو

پير ترهو: پير ترهي جو مقبرو ۽ قبرستان دادو تعلقي جي پير ترهي نالي ڳوٺ ۾ دادو ڪئنال سان لڳو لڳ، خاصا چانڊيا ريگيوليٽر وٽ نور واهه جي اولهندي ڪناري تي 220 49' 07" ڊگريون اتر ڊگهائي ڦاڪ ۽ 670 49' 13" ڊگريون اوڀر ويڪرائي ڦاڪ تي موجود آهي.
پير ترهي جو قبرستان ان ڪري به اهم آهي، جو لوڪ شاعريءَ جي سر موڙ شاعر جلال کٽيءَ جي قبر هتي آهي. هتي هڪ ڍورو به موجود آهي، جنهن کي پير ترهي جو ڍورو به چوندا هئا، جنهن اڳتي هلي ڍنڍ جي صورت اختيار ڪئي، جنهن ڍنڍ تي چون ٿا ته جلال کٽي ڪپڙا ڌوئندو هو. جلال کٽي، شاهه عبداللطيف جو همعصر ۽ ’سينگار‘ جو وڏو شاعر هو. پير ترهو مخدوم بلاول سمي جي بلاولي تحريڪ جو اهم رڪن هو. سندس قبر هن وقت پڪ- سري ٺهيل آهي. پير ترهي جو قبو 20 هين صديءَ جي شروعات جو ٺهيل ٿو ڏسجي. قبو اندران ۽ ٻاهران روغن ٿيل آهي ۽ اتي مقبري تي هر سال ميلو لڳي ٿو.


لفظ پير ترهوھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو